چالاڪ لومڙ ۽ سادو ٻڪر ليکڪ :خالد مصور :محسن
هڪڙي ڀيري جي ڳالهه آهي ،هڪڙو لومڙڪنهن ُکوهه ۾ ِڪري پيو .ٻاهر نڪرڻ لاِءگهڻا ئي ه َٿ پير هنيائين پر ٻاهر نڪري نه سگهيو .سوچيندو رهيو ته ڇا ڪيان؟ 2
ٿوري ديرٿي ته ُاتان هڪڙو بگهڙ گذريو.لومڙ کي کوهه اندر ڏسي پڇيائين “اڙيلومڙ! هتي ڪيئن ِڪري پيو آهين؟ خيرته آهي نه؟ ڪٿي ڪو مانيَء ٽڪر ته نظر نه آيو اٿئي؟”3
ُلومڙ چيس“ :ڀائو بگهڙ! سڀ خير آهيمان هِت ِڪريو نه آهيان .مان ته هِن پاڻيَء۾ پاڻ لهي آيو آهيان ته جيئن ٿڌڙي پاڻيَء جو مزو وٺي سگھان”. 4
بگهڙ کي بيوقوف بنائڻ لاِء وڌيڪ چيائين:“پاڻي ايترو ته ِمٺو ۽ ٿڌو آهي جو ڪهڙيڳالهه ڪجي! ٿورو هيٺ لهي ته ِڏس نه! توکي به مزو اچي ويندو”.5
اها ڳالهه ُٻڌي بگهڙ ،لومڙ جي چالاڪيَء کيسمجهي ويو ۽ کيس کل اچي ويئي چوڻلڳو“ :مان توکي چڱيَء ريت ُسڃاڻان ،وڃي ڪنهن ٻئي کي بيوقوف بڻاِء!” 6
بگهڙ وڌيڪ چيو“ :ادا ،اڄڪلهه دؤر ڏاڍوخراب آهي ،هرڪو مطلبي ٿي پيو آهي،ڪنهن تي اعتبار نه گهرجي .مان ته هلان ٿو ”.اهو چئي بگهڙ هليو ويو.7
ڪجههديرکانپوِءهڪڙوڪتو ُگذريوُ .کوهه۾ هيٺ نهاريائين ته لومڙ نظر آيس .لومڙُڪتي کي ڏسي چيو“ :ڪيڏانهن ٿو وڃين؟ هيٺ لهي اچ ته توکي مٺو پاڻي پياريان” 8
ڪتو ُاڃارو ته هو ،ان ڪري ٿوري ديرلاِء لومڙ جي صلاح تي غور ڪيائين پرُستت ئي کيس ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي،ته لومڙ جي ڳالهه تي ڌيان نه ڏيڻ گهرجي.9
ُڪتي ،دماغ تي زور ڏئي سوچيو ۽ چيو:“چالاڪ لومڙ! مان توکي گهڻو سڃاڻان.تون پنهنجو مطلب ڪڍي ،پوِء بيٺو مونتي کلندين!” ائين چئي ڪتو به هليو ويو. 10
ٿوريَء دير کان پوِء ُاتان هڪڙو ُڪڪڙ،ُڪ ُڪڙو ڪو ڪندي گذريو ته لومڙ چيس:“ڪڪڙڀاُء!اجايوگرميَء۾وتينٿوگهمندو، اچ ته توکي ٿڌو ۽ مٺو پاڻي پياريان!”11
ٿڌي ۽ مٺي پاڻيَء جو ُٻڌي ڪڪڙ ،هيٺکوهه ۾ نهاريندي چيو“ .نه بابا! مرڻو آهيڇا؟ مان پاڻي ۾ هيٺ نه لهندس! اهو پاڻي وڃي تون پيُء .مون کي معاف ڪر”. 12
اڃان دير ئي نه ٿي ته هڪڙو سادڙو ٻڪرپاڻي لاِء واجهائيندو کوهه جي ڀرسان اچيٻيٺو ،کوهه ۾ لومڙ کي ڏسي چيائين“ :ادالومڙ! هي پاڻي ڀلا پيئڻ جهڙو ته آهي نه؟”13
لومڙ وراڻيس” :دوست! پاڻيَء جي ڪهڙيتعريف ڪريان جهڙو آهي ِمٺو ،تهڙو آهيٿڌو! “ٻڪر ،لومڙ جي ڳالهه ُٻڌي دير ئي نه ڪئي ۽ هڪدم کڻي کوهه ۾ ٽپو ڏنائين. 14
ٻڪر جيئن ئي کوهه ۾ لٿو ته چالاڪ لومڙٽپ ڏئي سندس ِسڱن تي چڙهيُ ،کوهه کانٻاهر نڪري آيو .۽ ٻاهر نڪري ٻڪر تي کلڻ لڳو! سادڙو ٻڪر پريشان ٿي ويو.15
لومڙکيسچيڙائينديوڌيڪچيو“:بيوقو َف،ُکوهه ۾ لهڻ کان اڳ سوچين ها ته ٻاهرڪيئن نڪرندين؟” هاڻي اهو پاڻي خوبڍؤ ڪري پيُء ،اهو چئي لومڙ اتان هلي ويو. 16
Search
Read the Text Version
- 1 - 16
Pages: